حامد ناصرچٺا

حامد ناصرچٺا

چٺا حامد ناصر

چٺا، حامد ناصر: پنجاب جو سياستدان حامد ناصر چٺا 1945ع ڌاري ڳوٺ احمد نگر تعلقي وزير آباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم لاهور مان حاصل ڪيائين ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان ايم. اي (سياسيات) جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1970ع جي عام چونڊن ۾ پهريون ڀيرو سياست ۾ اچي، صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهيو، پر ڪامياب نه ٿيو. ٻيهر 1977ع جي چونڊن ۾ بيٺو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي خلاف قومي اتحاد (پي اين اي) جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. جنرل ضياءالحق جي مارشل لا حڪومت ۾پنجاب جي صوبائي ڪابينه ۾ تعليم کاتي جو وزير ٿيو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. محمد خان جوڻيجي جي ڪابينا ۾ پهرين وزير اطلاعات ۽ نشريات ۽ بعد ۾ قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر منتخب ٿيو. ڊسمبر 1988ع تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. 1990ع جي عام چونڊن ۾ ٻيهر قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ نوازشريف ڪابينا ۾ وزير بڻيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس وزيراعظم سان اختلاف پيدا ٿي پيا. جڏهن مسلم ليگ جو صدر محمد خان جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ميان نوازشريف پاڪستان مسلم ليگ جو نئون صدر منتخب ٿيو ته هن وزارت تان استعيفا ڏني. اپريل 1993ع ۾ جڏهن صدر غلام اسحاق خان، ميان نواز شريف جي حڪومت ۽ اسيمبلي ختم ڪئي ته حامد ناصر چٺا کي نگران حڪومت ۾ وزير مقرر ڪيائين. 9 مئي 1993ع تي پاڪستان مسلم ليگ (جوڻيجو گروپ) جو صدر منتخب ٿيو. 1993ع جي عام چونڊن ۾ هن جو ۽ پيپلز پارٽيءَ جو پاڻ ۾ اتحاد ٿيو ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ (ج) جو وزيراعليٰ مقرر ٿيو. فبروري 1997ع جي عام چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. هن وقت پاڪستان عوامي اتحاد جي مرڪزي رهنمائن ۾ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.05.09  عيسوي

9 مئي 1993ع تي پاڪستان مسلم ليگ (جوڻيجو گروپ) جو صدر منتخب ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحڪيم صديقي ڀائيخان
حسين خان ٺوڙهو
پير ڀلڻ شاهه جيلاني
سيد صالح محمد شاهه1
سومار سومرو
ڀَنڀو
محمد صالح راهوجو
جان مارشل
امينه
جارج اسٽئڪ ڪئپٽن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون